خود آگاهي (Self Awareness) مان مراد ذات ۽ پنھنجي ذاتي صلاحيت کي سڃاڻڻ آهي. يعني انسان کي معلوم ٿئي تہ هو ڇا آهي، ڪٿان آيو آهي ۽ سندس زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي. هي لفظ صوفي شاعرن لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جن جو درس آهي تہ ’جنھن پاڻ سڃاتو، تنھن رب کي سڃاتو‘. شاھ لطيف چيو آهي تہ: ”صوفين صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو“.[1]

حوالا سنواريو

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.